آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽي??س اجلاس ۽ ا??س سي او پلس جي سربر??هي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ قازخستان جي گادي واري شهر آستانه پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آستانه جي نور سلطان نذر بائيوف عالمي هوائي اڏي تي قازخستان جي وزيراعظم اولهاز بيڪٽونوف، قازخستان جي نائب وزيراعظم علي بيڪ بيڪايوف، آستانه شهر جي ميئر زهينس قاسم بيڪ، قازخستان ۾ مقرر پاڪستان جي سفير نعمان بشير ۽ ٻئي سفارتي عملي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم 3 ۽ 4 جولاءِ 2024ع تي آستانه، قازقستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽي??س اجلاس (سي ايڇ ايس) ۽ ا??س سي او پلس جي سربر??هي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم سربر??هي اجلاسن جي موقعي تي شريڪ اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.