اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير سينيٽر محمد اسحاق ??ار سلطانت عمان جي پرڏيهي و??ير سيد بدر بن حمد بن حمود البوسيدي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن مسقط جي و??ديءَ ڪبير ۾ امام بارگاهه علي بن ابو طالب تي ٿيندڙ تازي دهشتگرد حملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ هر قسم ??ي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪارروائي جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عمان جي ڪوششن ۾ پاڪستان ??ي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو. هن ميتن جي پاڪستان واپسي ۽ عمان جي اسپتالن ۾ پاڪستاني زخمي شهرين جي سارسنڀال ۾ عمان جي تعاون کي پڻ ساراهيو. بيان موجب ٻنهي اڳواڻن سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي تعاون کانسواءِ عوام ??ي مٽاسٽا تائين ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير هن هفتي جي آخر ۾ عماني سيڙپڪارن جي هڪ وفد جي پاڪستان اچڻ جي آجيان ڪئي جيڪو گڏيل طور تي لاڀائتي اقتصادي تعاون جي شعبن کي ڳولڻ جي لاءِ تيار آهي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. قيادت ۽ پرڏيهي و??ارت جي سطح تي دورن ??ي مٽاسٽا تي اصولي طور تي اتفاق ??يو ويو جنهن جي لاءِ سفارتي ذريعن سان گڏيل طور تي مناسب تاريخن کي طئي ڪيو ويندو.