اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان اي سي او ملڪن جي وچ ۾ علائقائي واپار جي فروغ ۽ تنظيم جي سڌارن جي ايجنڊا جي لاءِ مڪمل حمايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي عهدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري جنرل ??سرو نوزيري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن س??ڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ خسرو نوزيري وزيراعظم کي ??ي سي او جي قدمن ۽ پنهنجي مقرري دوران اي سي او کي ??حال ڪرڻ جي پنهنجي سڌاراجاتي ايجنڊا کان آگاهه ڪيو. وزيراعظ?? اي سي او کي ??لائقائي تعاون جي پليٽ فارم جي طور تي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سيڪريٽري جنرل ??ي ڪوششن کي ??اراهيو ۽ مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته خسرو نوزيري پاڪستان جي فارن سروس اڪيڊمي مان فارغ ٿ??و هو جيڪا پاڪستان جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. وزيراعظم تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان اي سي او ملڪن جي وچ ۾ علائقائي واپار کي وڌائڻ سان گڏوگڏ اي سي او سڌاراجاتي ايجنڊا جي لاءِ مڪمل حمايت جاري رکندو. وزيراعظم چيو ته اي سي او ويزن 2025ع جي اهم دستاويز تي اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي سرپرستي ۾ اسلام آباد ۾ 2017ع ۾ صحيحون ڪيون ويون هيون جيڪو اي سي او جي لاءِ هڪ انتهائي اهم سنگ ميل آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي لاءِ اها ڳالهه به فخر جوڳي آهي ته اي سي او جو ايندڙ سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر اسد مجيد خان، پاڪستان جو اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري رهي چڪو آهي. خسرو نوزيري اي سي او جي سيڪريٽري جنرل ??ي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندي پاڪستان پاران مسلسل حمايت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.