لاهو?? -04 آگسٽ (اي پي پي)اڳوڻي ڊپٽي اٽارني ج??رل آف پاڪستان شيخ انوار الحق چيو آهي، ته ڀارتي حڪومت ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جي بازار گر?? ڪري رکي آهي، ڀارت ۾ نه رڳو ڪشميرين پر ٻين اقليتن لاءِ به زندگي ڏکي بڻائي ڇڏي آهي، سڀئي پاڪستاني ڪشميري عوام سا?? گڏ بيٺل آهن ۽ انهن جي جدوجهد ۾ سندن سا?? ڏيندا. هن يوم استحصال ڪشمير جي حوالي سا?? ڳالهائيندي چيو ته ڀارت جي هڪ طرفي طور غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي خاص حيثيت خت?? ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ اتي ج?? عوام جا حق پائمال ٿي ر??يا آهن. هن عالمي برادري ج?? بي حسي تي افسوس جوا ظهار ڪندي چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ بي گناهه ڪشميرين تي ٿيندڙ انسانيت کي ڏکوئيندڙ ظلمن تي عالمي برادري ج?? خاموشي انتهائي افسوسناڪ آهي. هن چيو ته مشڪل ترين حالتن ۾ به ڪشميرين جو عزم ۽ حوصلو بلند آهي ۽ هو پنهنجي جدوجهد کان پوئتي نه هٽندا. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي ڪرنگهي ج?? هڏي آهي ۽ پاڪستان کان سواءِ اڻ پورو آهي، پاڪستان ڪشمير جي مسئلي تي پنهنجي موقف کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽندو ۽ ڪشميري عوام جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.