??سل??م آباد-25 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پوسٽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي گولڊن جوب??ي جي موقعي تي يادگاري ٽپال ٽڪ??ي جاري ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ هڪ ش??ند??ر تقريب منعقد ڪئي وئي. پاڪستان پوسٽ ۽ يونيورسٽي انتظاميه گولڊن جوب??ي جي موقعي تي يادگاري ٽپال ٽڪ??ي جي مهورت ڪئي. تقريب ۾ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ پاڪستان پوسٽ جو ڊائريڪٽر جنرل سميع الله خان خاص مهمان هئا. ان اهم سنگ ميل کي خصوصي ٽپال ٽڪليون جاري ڪرڻ سان ملهايو ويو جيڪو معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۽ معاشري تي ان جي اثرن لاءِ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي چاهه جي علامت آهي. پنهنجي خطاب ۾ راڻا تنوير حسين پاڪستان ۾ تعليم جي شعبي ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي نمايان خدمتن ک?? ساراهيو. هن چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي سڀني لاءِ پهچ جوڳي تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هي يادگاري ٽپال ٽڪلي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي گولڊن جوب??ي جي موقعي تي پاڪستان پوسٽ طرفان جاري ڪئي پئي وڃي جيڪو ساراهه جوڳو قدم آهي.