راولپنڊي-29 جولاءِ (اي پي پي) گوادر ۾ نام نهاد بلوچ راجي مچي جي آڙ ۾ سيڪيورٽي جي ڊيوٽي تي مقرر فورسز جي اهلڪارن تي حملو ڪيو ويو جنهن جي ن??يجي ۾ پاڪ فوج جو جوان شهيد جڏهن ته هڪ آفيسر سميت 16 جوان زخمي ٿي پيا، پاڪ فوج هجوم جي پرتشدد ڪاررواين کي ن??قابل قبُول قرار ڏيندي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي عزم کي ورجايو. آءِ ايس پي آر موجب 29 جولاءِ تي ن??م نهاد بلوچ راجي مچي جي آڙ ۾ هڪ پ??تشدد هجوم گوادر ضلعي ۾ سيڪيورٽي تي موجود اهلڪارن تي حملو ڪيو جنهن جي ن??يجي ۾ سپاهي شبير بلوچ، عمر 30 سال رهندڙ سبي، شهيد ٿي ويو. ان کانسواءِ مظاهرو ڪندڙن ج?? بلاجواز حملن جي ن??يجي ۾ هڪ آفيسر سميت 16 فوجي زخمي ٿيا آهن. ٻئي ط??ف سوشل ميڊيا تي غير قانوني پرتشدد مارچ لاءِ همدردي ۽ حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا ڪندڙن طرفان ڪوڙيون تصويرون ۽ جعلي وڊيوز جو استعمال ڪندي ڪوڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز اشتعال انگيزي باوجود غير ضروري شهرين ج?? مارجڻ کان بچائڻ لاءِ انتهائي صبر جو مظاهرو ڪيو. هجوم جون پرُتشدد ڪارروايون ناقابل قبول آهن ۽ ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. سمورن شهرين کي اپيل ڪئي وڃي ٿي ته اهي پروپيگنڊا جو شڪار نه ٿين، پراسڪون ۽ پرامن رهن ۽ امن امان کي برقرار رکڻ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعاون ڪن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان ج?? سيڪيورٽي فورسز قوم سان گڏجي بلوچستان ج?? امن ?? استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي ڪوششن کي ن??ڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.