اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آه?? ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر منصوبا بنائڻ جي ضرورت آه??، موسمياتي فنانسنگ ۾ نج?? شعبي کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن اها ڳالهه اڪيومن پاڪستا?? جي انتظام هيٺ ڪلائميٽ ايڪشن فار پاڪستا?? جي موضوع تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ناڻي واري وزير چيو ته موسمياتي تبديلين سبب دنيا جا ڪيترائي خطا متاثر ٿي رهيا آه??. پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙن ملڪن ۾ سڀ کان مٿي آه??. هن چيو ته 2022ع ۾ موسمياتي تبديلين سبب پاڪستان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي، ??ن ٻوڏ سبب پاڪستان کي 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو نقصان پهتو. ناڻي واري وزير چيو ته جنيوا ڪانفرنس ۾ مختلف ملڪن ٻطرفي ۽ گهڻ رخي حصيدارن ۽ عالمي ادارن پاڪستان لاءِ اٽڪل 9 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي مدد جو اعلان ڪيو تنهن هوندي به پاڪستان کي اعلان ڪيل مدد موجب فنڊ نه مليا. هن چيو ته موسمياتي فنانسنگ لاءِ موثر منصوبا بڻائڻ جي ضرورت آه??. موسمياتي فنانسنگ ۾ نج?? شعبي کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ ان حوالي سان نج?? شعبي کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي انتظامي بورڊ سان موسمياتي فنانسنگ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسان کي اميد آه?? ته هلندڙ مهيني جي پڄاڻي تائين آءِ ايم ايف جو انتظامي بورڊ اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏيندو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستا?? جي معيشت استحڪام جي راهه تي گامزن آه??. پائيدار اقتصادي واڌ ۽ ترقي لاءِ سڌارن جو عمل جاري رهندو. هن چيو ته مضبوط معيشت لاءِ ٽيڪس جي نظام ۾ واڌارو، نظام ۾ شفافي??، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ گورننس ۾ بهتري آڻڻ ضروري آه??. حڪومت ان حوالي سان ضروري قدم کڻي رهي آه??. ناڻي واري وزير چيو ته آبادي ۾ اضافي سان گڏوگڏ وسيلن ۾ به اضافو ضروري آه??، پاڪستان کي آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا.