اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) گهرو م??ام??ن بابت وفاقي وزير محسن نقويءَ شهرين کي عالمي معيار جون تفريحي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۾ 200 ايڪڙن تي سڀ کان وڏي ماحول دوست چڙيا گهر ۽ سفاري پارڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. مجموعي طور تي 5 هزار جانور، پکي چڙيا گهر ۽ سفاري پارڪ ۾ رکيا ويندا. گهرو وزير جي صدارت هيٺ سي ڊي اي هيڊ ڪوارٽر ۾ اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ چڙيا گهر ۽ سفاري پارڪ ٺاهڻ جي حوالي س??ن تجويزن جو جائزو ورتو ويو. سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا چڙيا گهر ۽ سفاري پارڪ ٺاهڻ واري پراجيڪٽ جي حوالي س??ن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پهرين مرحلي ۾ 2 هزار جانور ۽ پکي رکيا ويندا. گهرو وزير محسن نقوي چڙيا گهر ۽ سفاري پارڪ جي ورلڊ ايسوسيئ??شن آف زو اينڊ ايڪوريم کان رجسٽر??شن ڪرائڻ ۽ منصوبي س??ن سلهاڙيل م??ام??ا جلد طئي ڪرڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته سمورن م??ام??ن کي حتمي شڪل ڏني وڃي. آڪٽوبر ۾ چڙيا گهر ۽ سفاري پارڪ جو بنياد رکيو ويندو. چڙيا گهر ۽ سفاري پارڪ سان اسلام آباد جي سياحت ۾ اضافو ٿيندو.