اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڪالهه وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ڪرم جي واقعن تي ??خت ڳڻتي ??و اظهار ڪندي مستقبل ۾ ان قسم جي واقعن جي خاتمي لاءِ حڪمت ??ملي تيار ڪرڻ تي ??تفاق ڪيو.گذريل ڏينهن ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي گهرو وزارت ۾ وفاقي گهر وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪي پي ڪي جي صورتحال، امن امان ۽ ڪرم جي افسوسناڪ واقعن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي.ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي ڪي پي ڪي ۾ امن امان لاءِ هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو،گهرو وزير چيو ته ڪي پي ڪي ۾ امن امان قائم ڪرڻ حڪومت ??ي پهرين ترجيح آهي، ڪرم ۾ زمين جي تڪرار تي ??نساني حياتين جو نقصان افسوس جوڳو آهي،اسان جي ڪوشش آهي ته ڪرم سميت ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي. فيصل ڪريم ڪنڊي امن لاءِ سهڪار تي گهرو وزير محسن نقوي جو شڪريو ادا ڪيو.