اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي جي رابطا گروپ جو اجلاس ڪيمرون جي شهر يائونڊي ۾ او آءِ سي ڪائونسل آف پرڏيهي وزيرن جي 50 هين اجلاس جي موقعي تي منعقد ٿيو، اجلاس جي صدارت او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ ڪئي، پاڪستاني وفد پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد ق??ضي جي قيادت ۾ شريڪ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ سعدوي عرب، ترڪيه، نائجير، آذربائيجان، او آءِ سي جي آزاد مستقل انساني حقن واري ڪميشن (آءِ پي ايڇ آر سي) ۽ ڪشميري عوام جي حقيقي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد ق??ضي ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري رابطا گروپ کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي خلاف ورزي ۽ قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضي کي مستحڪم ڪرڻ جي ڀارت جي ڪوششن جو ذڪر ڪيو جن??ن ۾ ڌمڪي ۽ خوف جو ماحول پيدا ڪرڻ به شامل آهي. هن ڀارت تي زور ڏنو ته هو پنهنجي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري، ڪالعدم سياسي پارٽين تان پابنديون هٽائي، 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي ختم ڪري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. رابطا گروپ ڪشميري عوام جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو جن??ن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي جلد ۽ پرامن حل تي زور ڏنو ويو آهي. رابطا گروپ متفقه طور تي هڪ گڏيل پڌرنامو پڻ منظور ڪيو جن??ن ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ڏکڻ ??يشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو دارومدار ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حتمي حل سان لڳاپيل آهي.