اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائي جي شرح ۽ قومي شماريات کاتي جي انگن اکرن مطابق مهانگائي م گهٽتائي تي اطمينا?? جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته جولاءِ 2024ع ۾ ڪنزيومر پرائيس انڊيڪس ۾ رڪارڊ گهٽتائي ٿي ۽ ناڻي واڌ جي شرح 11 سيڪڙو تي اچي وئي. حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن آهي، حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ پاليسي جا معيشت تي هاڪاري اثر جلد پوندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم چيو ته معاشي ماهرن طرفان سيپٽمبر مهيني ۾ ناڻي واڌ جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي اڳڪٿي سٺو سنئوڻ آهي. فچ کانپوءِ تازو ئي عالمي ريٽنگ ايجنسي موڊيز طرفان پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ کي اپگريڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو عالمي مالياتي ادارن طرفان پاڪستان جي هاڪاري معاشي انگن اکر?? جو اعتراف آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن آهي، حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ پاليسي تي به تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي، جنهن جي نگراني مان پاڻ ڪري رهيو آهيان، ان جا معيشت تي هاڪاري اثر جلد نمايان ٿيندا. هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت طرفان بجلي صارفين کي بل جي مد ۾ هڪ وڏو رليف ڏنو ويو. وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. اسان جي حڪومت سمورا فائدا عام ماڻهو تائين منتقل ڪرڻ تي يقين رکي ٿي. وزيراعظم چيو ته حڪو??تي معاشي ۽ مالياتي ٽيم جي مح??ت سان معيشت استحڪام طرف وڌي رهي آهي، عوام جي ڏکيائي?? جو احساس آهي، حڪومت عوام جي ڏکيائين ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي.