اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري ۽ سي پيڪ جي اپ گريڊيشن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي چيني قيادت جي ويزن کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مص??وعات ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري جي فروغ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ش??يف سان پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير جيانگ زيڊانگ ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيني سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪ چين دوستي وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿي آهي، چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو غيرمشروط ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي اپ گريڊيشن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو چيني قيادت جو ويزن ساراهه جوڳو آهي، پاڪ چين دوستي ٻنهي ملڪن سان گڏوگڏ خطي ۽ عالمي امن ۽ ترقي جي لاءِ لازمي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مص??وعي ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري جي فروغ جو خواهشمند آهي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاط??ي ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.