اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ گهرو وزارت جي سيڪريٽري کي چيو آهي ته اسلام آباد پوليس جي حراست هيٺ تحريڪ انصاف جي 10 اسيمبلي ميمبرن لاءِ پارليامينٽ لاجز کي سب جيل قرار ڏنو وڃي. جمعي ڏي??هن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر جي قانون بابت صلاحڪار محمد مشتاق طرفان گهرو سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ قومي اسيمبلي جي قا??دن، ضابطن ۽ طريقيڪار 2007ع جي قا??دي 108 جي ذيلي قا??دي 3 جو حوالو ڏيندي چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي طرفان 11 سيپٽمبر 2024ع تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پوليس جي حراست هيٺ 10 قومي اسيمبلي ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا ويا هئا، اسپيڪر جي خواهش آهي ته شير افضل خان، ملڪ عامر ڊوگر، محمد احمد چٺا، مخدوم زين حسين قريشي، وقاص اڪرم، زبير خان وزير، ا??يس حيدر، سيد شاهه احد علي شاهه، نسيم علي شاهه ۽ يوسف خان لاءِ پارليامينٽ لاجز کي سب جيل قرار ڏنو وڃي.