اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوري مسلمان امت خاص طور تي پاڪستاني عوام کي عيد ميلادالنبي جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته مسلمان امت ۽ پاڪستان کي درپيش چئلينجز جو حل نبي اڪرم ﷺ جي تعليم ۾ لڪل آهي، اسان کي ??نهنجي اختلافن کي ??ٺتي وجهي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي لاءِ متحد ٿي ڪم ڪرڻ جو وچن ڪرڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 12 ربيع الاول جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پوري مسلمان امت خاص طور تي پاڪستاني عوام کي ??بي آخرالزمان حضرت محمد ﷺ جي ولادت باسعادت جي نست سان عيد ميلادالنبي تمام گهڻي مبارڪ هجي، 12 ربيع الاول جو ڏينهن اهو مبارڪ ڏينهن آهي جڏهن الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن تائين بني نوه انسان جي رهنمائي جي لاءِ پوري انسانيت کي ??ڪ ڪامل هدايت جو نور عطا ڪيو. هن چيو ته حضرت محمد ﷺجي مبارڪ زن??گي، سندن سيرت طيبه ۽ ڪردار اسان جي لاءِ هڪ اهڙي مشعل راهه آهي جنهن جي روشني رهندي دنيا تائين هر انسان جي زن??گي جي لاءِ هدايت جو ذريعو رهندي، سندن هر عمل ۽ فرمان ان ڳالهه جو مظهر آهي ته انسانيت کي ڪهڙي طرح محبت، ڀائيچاري ۽ انصاف جي اصولن تي قائم رهي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته اڄ جي مشڪل ۽ ڏکئي دور ۾ اسان کي ??بي ڪريم ﷺ جي سيرت کي ??ه رڳو پڙهڻ پر ان تي عمل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، مسلمان امت ۽ پاڪستان اڄ جن چئلينجز کي ??نهن ڏئي رهيا آهن، انهن جو حل نبي اڪرم ﷺ جي تعليم ۾ لڪل آهي. انهن اسان کي اتحاد، محبت ۽ ڀائيچاري جي تلقين ڪئي ۽ اهي ئي اهي اصول آهن جيڪي اسان کي ??عاشرتي ۽ اقتصادي مسئلن مان ڪڍي سگهن ٿا، اچو اسان ان موقعي تي اهو وچن ڪريون ته اسان پنهنجي اختلافن کي ??ٺتي رکي ??نهنجي ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي لاءِ متحد ٿي ڪم ڪنداسين. شهباز شريف چيو ته نبي اڪرم ﷺ سدائين ڪمزورن، يتيمن ۽ ضرورتمندن جي مدد جو درس ڏنو، اڄ جي ڏينهن اسان کي انهن ماڻهن طرف خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي جيڪي غربت، بک ۽ مشڪلاتن ۾ ورتل آهن، اسان جي ذميواري آهي ته اسان نبي پاڪ ﷺجي ان عمل کي اختيار ڪريون جنهن ۾ اهي هر حال ۾ ٻين جي مدد ۽ ڀلائي جي لاءِ ڪوششون ڪندا رهندا هئا. هن چيو ته ان موقعي تي اسان کي ??نهنجي مظلوم فلسطيني ۽ ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي ??ڻ ياد رکڻ گهرجي جيڪي ظلم ۽ ڏاڍ کي ??نهن ڏئي رهيا آهن، غزه ۽ فلسطين ۾ معصوم ماڻهن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي پائمالي دل ڏکوئيندڙ واقعا آهن، نبي اڪرم ﷺ سدائين انصاف، آز??دي ۽ انساني حقن جي تحفظ جي تعل??م ڏني ۽ اڄ جي ڏينهن اسان کي انهن مظلومن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي انهن جي حق ۾ پنهنجو آواز بلند ڪرڻ گهرجي، اسان دعاڳو آهيون ته الله تعاليٰ اهل فلسطين ۽ اهل ڪشمير کي آز??دي ۽ انصاف عطا فرمائي ۽ انهن جي مشڪلاتن کي ختم ڪري، اسان جو فرض آهي ته اسان انهن مظلومن جي حق ۾ هر فورم تي آواز اٿاريون ۽ عالمي برادري کي انهن جي حمايت تي راضي ڪريون. هن چيو ته اچو ته اسان هن مبارڪ موقعي تي وچن ڪريون ته نبي اڪرم ﷺ جي تعليم کي ??نهنجي زن??گي جو حصو بڻائينداسين ۽ ان جي روشني ۾ پنهنجي معاشري کي ??ڪ بهتر، برابر ۽ پرامن جڳهه بڻائينداسين، منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي امن، ترقي ۽ خوشحالي جو گهوارو بڻائي ۽ اسان سڀني کي ??بي ڪريم ﷺ جي سيرت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.