اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي ج?? چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي 36هين سالگره 21 سيپٽمبر ڇنڇر ڏينهن ملهائي ويندي، سڄي ملڪ ۾ سالگره تقريبون منعقد ڪيون وينديون جڏهن ته پارٽي وومن ونگ پنجاب جي انتظام هيٺ لاهور ۾ مرڪزي تقريب پنجاب سيڪريٽريٽ ۾ منعقد ٿيندي جنهن جي خاص مهمان پ پ اڳ??اڻ ثمينه خالد گهرڪي هوندي. ان حوالي سان پ پ پنجاب جي ص??ر راجا پرويز اشرف جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال پ پ سينٽرل پنجاب جون سموريون تنظيمون بلاول ڀٽو زرداريءَ جي 36هين سالگره مختلف انداز ۾ ملهائينديون. هن چيو ته هر ضلعي تنظيم پنهنجي ضلعي جي يتي?? خاني ۾ هڪ پروگرام منعقد ڪندي جنهن ۾ پارٽيءَ جي ٽڪيٽ هولڊرن سميت سمورين ونگز جا عهديدار شرڪت ڪندا ۽ معصوم ٻارن ۾ بلاول ڀٽو زرداري طرفان ت??فا پيش ڪيا ويندا.