اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبا بندي ۽ ترقي بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ڊ??ٽا معلومات تي ٻڌل فيصلي سازي جو بنياد آهي، اهو تمام ضروري آهي ته اسان ان مان مڪمل فائدو کڻي پنهنجي ملڪ جي ??ور?? صلاحيت کي استعمال ۾ آڻيون، ستين آدمشماري جي بنياد تي صوبائي سطح تي ر??ور??ون جاري ڪيون وينديون. انهن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ پي بي ايس ڊيٽافيسٽ 2024ع جي تيارين لاءِ جائزه اجلاس کي خطاب ۾ ڪيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري پلاننگ اويس منظور، ڊاڪٽر نعيم ظفر ۽ ميمبر محمد سرور گوندل سميت اهم آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جو مقصد ڊيٽافيسٽ 2024ع ذريعي ڊ??ٽا جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ ان کي ترقي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ هو. ڊيٽافيسٽ 2024ع جو مقصد ڊ??ٽا خواندگي کي هٿي ڏيڻ ۽ ڊ??ٽا جي اسٽريٽجڪ استعمال ذريعي جدت، انضمام ۽ ترقي کي وڌائڻ آهي. وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڊ??ٽا ذريعي فيصلي سازي کي مضبوط بڻائڻ پاڪستان جي هر شعبي جي ترقي لاءِ اهم حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته ڊ??ٽا معلومات تي ٻڌل فيصلي سازي جو بنياد آهي ۽ اهو تمام ضروري آهي ته اسان ان مان مڪمل طور تي فائدو کڻي پنهنجي ملڪ جي ??ور?? صلاحيت کي استعمال ۾ آڻيون. وفاقي وزير چيو ته ستين آدمشماري 2023ع جيڪا پهرين آدمشماري هئي، جي بنياد تي صوبائي سطح تي ر??ور??ون جاري ڪيون وينديون ته جيئن مقامي سطح تي مباحثي کي هٿي ملي ۽ پاليسي سازي جي عمل ۾ بهتري آڻي سگهجي. اهي ر??ور??ون صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي حالت کي بهتر طور تي سمجهڻ ۽ موثر پاليسي منصوبابندي لاءِ اهم هونديون. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته ان ايونٽ ۾ مص????عي ذهانت (اي آءِ) جي ماهرن ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪيو وڃي. هن چيو ته ڊ??ٽا مصن??عي ذهانت جو بنياد آهي ۽ ان فيسٽول ذريعي اسان ڊ??ٽا ۽ ٽيڪنالاجي وچ ۾ خال کي ڀرڻ لاءِ ماهرن ۽ تعليمي شعبي سان سهڪار ڪنداسين ته جي??ن قومي ترقي لاءِ جديد حل ڳولي سگهجي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ڊيٽافيسٽ 2024 ۾ يونيورسٽي جي شاگردن کي شامل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ انهن لاءِ ڊ??ٽا جي مقابلن جو اهتمام ڪيو وڃي ته جيئن اهي پي بي ايس جي ڊ??ٽا کي تخليقي طريقن سان استعمال ڪن. هن چيو ته اهي قدم نوجوانن کي مثبت سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ ۽ انهن جي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.