اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرد??ري اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي کي ساراهيندي چ??و آهي ته سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري 2 خوارج کي جهنم واصل ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرد??ري سيڪيورٽي فورسز جي بهادري تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته قوم جي مدد سان دهشتگردي جو پاڙ کان خاتمو ڪيو ويندو. ملڪ ۾ دهشتگرد?? جي مڪمل خاتمي ۽ ماڻهن ??ي جان ۽ مال محفوظ بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا، قوم کي پنهن??ي جانباز جوانن تي فخر آه?? جيڪي ملڪ جي حفاظت جي لاءِ هر وقت تيار آهن.