ڪراچي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) پ??ڪس??ان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچيءَ جي ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪي جي مذمت ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل جي بيان موجب پ پ چيئرمين، وڏي وزير کي امن امان قائم ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جا جوڳا قدم کڻڻ جي به هد??يت ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري ڌماڪي ۾ فو??ين جي خاندانن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخ??ين لاءِ جلد صحتيابيءَ جي دُعا ڪئي. هن دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ جاري ڪوششن جي حم??يت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو.