اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ سان ??يڪسٽائيل ايڪسپورٽرز جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪامرس، ٽيڪسٽائيل ۽ انڊسٽري وار?? صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي، ٽيڪسٽائيل ٽاسڪ فورس جو سربراهه حسن بشير، فنانس سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ ۽ اسپيشل فنانس سيڪريٽري عمر حم??د خان ??ڻ موجود هئا. ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ ٽيڪسٽائيل ايڪسپورٽ سيڪٽر ج?? جولاءِ ۽ آگسٽ جي سيلز ٽيڪس ريفنڊ جي ڪليمز فارم ايڇ بدران ??راڻي اي ار ايس نظام تحت ڀرڻ ۽ ادا ڪرڻ جو وفد جو مطالبو تسليم ڪري ورتو.