اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪ چين اقتص??دي لنگهه (سي پيڪ) چيني صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) جو فليگ شپ منصوبو آهي جنهن سان نه رڳو پاڪستان جي اقتص??دي ترقي جي سگهه ڏيڻ ۾ مدد ملندي بلڪه علائقائي خوشحالي به ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي سفير، گڏيل قومن جي اڳوڻي انڊر سيڪريٽري جنرل ۽ چين پاڪستان فرينڊشپ ايسوسيئيشن جي موجوده صدر شازو ڪانگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چين جي پهرين صف جي ڪاروباري ڪم??نين جي وفد جي قيادت ڪند?? وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.