لاهور – 30 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف اهو سمجهن ٿا حڪومت ڪامياب ٿي ته انهن جو پئسو پڪڙيو ويندو، ملڪي مافياز کي فڪر لڳي وئي آ??ي ته اسان ڪامياب ٿي وياسين ته مخالف ڌر جي سياست ختم ٿي ويندي، ملڪ مشڪل وقت مان ٻاهر ??ڪري آ??و آهي، گهٽ عرصي ۾ پنجاب ۾ سڌارا سڀ کان وڌيڪ ??يا آهن، ٽن هفتن جي محنت کانپوءِ بهترين ٽيم پنجاب ۾ آندي آ??ي جنهن سان پراڻي ۽ نئين پنجاب ۾ توهان کي فرق نظر ايندو، سموگ جي روڪٿام لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان صاف تيل درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، يورو 4 پيٽرول درآمد ڪنداسين، 2020ع جي آخر تائين يورو 5 پيٽرول تي منتقل ٿي وينداسي??، لاهور ۾ 60 هزار ڪينال تي ٻيلا هڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن سان ماحولياتي آ??ودگي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. هو وزيراعليٰ هائوس لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.