دادو-09 آگسٽ (اي پي پي) پي ٽي آءِ جي م??ڪزي اڳواڻ ۽ پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ دادو ضلعي جي جوهي واري علائقي ۾ پهتو ۽ نئين گاج جي پاڻي سبب متاثر ٿيل ڪٽنبن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو. جڏهن ته ٻوڏ واري صورتحال ۽ امدادي ڪمن جو جائزو ورتو. هن چيو ته بلوچستان مان ايندڙ پاڻي نئين گاج ۽ منڇر ڍنڍ ۾ ويندو آه??. س??ڌ جي نااهل حڪمرانن اهو معلوم به نه ڪيو ته هن ڀيري پاڻي وڌيڪ ايندو ۽ اهڙي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيندي. ٻوڏ واري صورتحال سبب 200 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته وڏي تعداد ۾ چوپايو مال پڻ پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي. هن چيو ته متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪئي ويند??. س??ڌ جي اداري پي ايم ڊي سميت مختلف ٻين ادارن کي اڳ ۾ پهچڻ گهرجي ها. حليم عادل شيخ چيو ته اه?? سنڌ جي وڏي وزير جو تڪ آهي جڏهن ته هتان جو ڪو به والي وارث ناهي. گذريل ڏينهن رهواسي وڻن تي چڙهي م??د گهر?? رهيا هئا. هن چيو ته مدد لاءِ فوجي ٽيمون پهچي ويون آهن، فوجي جوان علائقي واسين جي م??د ڪري انهن کي م??فوظ جاين تي پهچائ?? رهيا آهن ۽ کائڻ پيئڻ جو سامان پهچايو پيو وڃي.