اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ترڪيءَ جي شهر ازمير ۾ زلزلي سبب قيمتي انساني جا??ين جي نقصان تي ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيءَ جي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ترڪ قوم سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم ترڪيءَ کي ممڪن مدد جي آڇ ڪئي ۽ چيو ته 2005ع تي پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي ک??نپ??ءِ جهڙي طرح ترڪيءَ پاڪستان سان گڏ بيٺل هو، ان ک?? اسان نه ٿا وساري سگهون.