اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪير بکيو نه سمهي پ??وگ??ام کي پوري ملڪ تائين سگهه ڏينداسين، سرندي وارا ماڻهو ان پ??وگ??ام ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن، هر شهري جي لاءِ هيلٿ انشورنس جو پ??وگ??ام فخر جوڳو آهي، ان پ??وگ??ام کانپوءِ هاڻي ڳوٺاڻن علائقن ۾ به نجي شعبي ۾ سٺيون اسپتالون ٺهنديون. لاهور، پشاور ۽ فيصل آ??اد ۾ ڪير بکيو نه سمهي پ??وگ??ام جاري ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڊاڪٽر ثانيه نشتر کي خاص طور تي ڪير بکيو نه سمهي پ??وگ??ام جي تصور کي عملي جامعو پارائڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن ان تصور کي ٽرڪ موبائيل ڪچن جو تصور ڏئي عملي جامعو پارايو، جيڪي علائقا سڀ کان وڌيڪ پ??تي پيل ۽ غريب هوندا اتي ان پ??وگ??ام تحت اهي موبا.ئيل ٽرڪ ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪنديون، شروعاتي طور تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو ان ۾ جيڪي مشڪلاتون اچي رهيون هيون انهن جو جائزو ورتو ويو ۽ ان کانپوءِ لاهور، پشاور ۽ فيصل آ??اد ۾ اهو پ??وگ??ام شروع ڪيو پيو وڃي، هي شروعات آهي، ان جو دائرو پوري ملڪ تائين وڌايو ويندو، غريب ۽ پ??تي پيل علائقن ۾ اهي موبائيل ٽرڪ موڪليون وينديون.