اسلام آباد -22 آگسٽ (اي پي پي) گ??رو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته افغانستان ۾ پائيدار امن خطي جي تر??ي ۽ دنيا جي سلامتي لاءِ اهم آهي. افغانستان ۾ امن ۽ مستحڪم حڪومت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين، پاڪستان ۽ چين جي گڏيل سهڪار ۽ تر??ي کي دهشتگردن هٿان يرغمال ٿيڻ نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن چيني سفير نونگ رونگ س??ن ملاقات دوران ڪيو. پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ گ??رو وزير جي رهائشگاهه تي ان س??ن ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪ چين ٻه طرفن لاڳاپن سميت خطي جي مجموعي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. گ??رو وزير چيني سفير ۽ ٻين تي سفارتي عملي کي مانجهاندو ڏنو. ??ن موقعي تي گ??رو وزير چيو ته افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن کي نظر ۾ رکندي اسان جو خطو تمام گهڻي اهميت اختيار ڪري چڪو آهي. افغانستان ۾ پائيدار امن خطي جي تر??ي ۽ دنيا جي سلامتي لاءِ اهم آهي. هن چيو ته گ??رو وزارت افغانست??ن مان نڪرندڙن کي ڀرپور معاونت ڏئي رهي آهي، چيني شهرين ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين. ??ن موقعي تي چيني سفير چيو ته پاڪستان ۾ چيني ڪمپنيون مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيون آهن. چيني شهرين ۽ ڪمپنين لاءِ س??ڪيورٽي پروٽوڪول وڌيڪ سخت ڪيو وڃي.