اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي دور ۾ بيانيي جي جنگ هٿيارن سان وڙهي ويندڙ جنگ جي جڳهه وٺي ڇڏي آهي، پروپئگنڊه جو مقابلو ڪرڻ پوري دنيا جي لاءِ وڏو چئلينج آهي، ڪجهه ملڪن ۽ گروپس پنهنجي مخالفن کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا کي هٿيار طور استعمال ڪن ٿا، گڏيل قومن کي ميڊيا تي جعلي خبرن ۽ نفرت پکيڙيندڙ مواد روڪڻ جي لاءِ فريم ورڪ تيار ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ هولي سي (ويٽيڪن سٽي) جي س??ير ڪرسٽوف ال ڪاسيس سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ هولي سي (ويٽيڪن سٽي) جعلي خبرن ۽ نفرت پکيڙيندڙ مواد جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ ويٽيڪن سٽي کي هڪ ٻئي جي ثقافتي ۽ ??ذه??ي قدرن بابت آگاهي حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته ماضي ۾ رابطي جي لاءِ ٽيڪنالاجي جي کوٽ هئي پر هاڻي صورتحال بدلجي چڪي آهي، خبرون تيز?? سان پکڙجن ٿيون، پروپئگنڊه جو مقابلو ڪرڻ پوري دنيا جي لاءِ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته حڪومتون مرڪزي ڌارا جي ميديا تي نفرت پکيڙيندڙ مواد ڪنٽرول ڪري سگهن ٿيون پر ڪالعدم تنظيمن پارا?? سوشل ميڊيا جو استعمال ڪيو پيو وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته اطلاعات ۽ نش??يات واري وزارت بين المذاهب همن آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي فروغ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سک ??ذه?? جي باني بابا گرو نانڪ جي جنم ڏهاڙي جون تقريبون جاري آهن. قومي ٽي وي چينل تي بابا گرو نانڪ جي زندگي ۽ تعليم تي خاص پروگرام نش?? ڪيا پيا وڃن. ويٽيڪن سٽي جي س??ير دنيا ۾ امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مختلف ??ذه??ن جي پيروڪارن جي وچ ۾ ??ذه??ي هم آهنگي جي فروغ تي زور ڏيندي چيو ته هولي سي (ويٽيڪن سٽي) پاڪستان ۾ مقامي چرچن سان تعاون چاهي ٿو.