اسلام آباد – 13 جن??ري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ت?? سعيد غني صاحب جي لاعلمي ت?? افسوس آهي، قوم جو مال ڦرڻ ۽ ڪوڙن انگ اکرن تي معيشت هلائيندڙن کي اهو به علم نه آهي ت?? وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيو آهي، هلندڙ مالي سال جي 6 ماهي ۾ حاصل ڪيل ٽيڪس 2085 ارب آهي، جيڪو گذريل سال جي مقابلي ۾ 16.4 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته گذريل سال جي مقابلي ۾ آمدني واپار جو تعد??د 21 سيڪڙو گهٽ هو جڏهن ته داخلي ٽيڪس يعني انڪم ٽيڪس، سيلز ٽيڪس ۽ ايڪسائيز ڊ??وٽي ۾ ترتيبوار 21.2 سيڪڙو، 34 سيڪڙو ۽ 25.6 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.