اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو ??هي ته اڄ دنيا ڪورونا جي خلاف پاڪستان جي حڪمت عملي جو اعتراف ڪري رهي آهي، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ احساس پروگرام تحت گهٽ مدي ۾ ايتري وڏي رقم ورهائڻ تي پاڪستان جي قدمن کي ساراهيو آهي، معيشت جو ڦيٿو هلائڻ ضروري آهي، ٽائيگر فورس جا رضاڪار ايس او پيز تي عمل ڪرائ??ن. ??ماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وز??راعظم عمران خان چيو ته احساس پروگرام تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ احساس ??ي سڄي ٽيم شاباس جي مستحق آهي. وز??راعظم چيو ته اسان جي ملڪ تي الله جو ڪم رهيو آهي، هن پوري قوم ۽ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول ٽيم ۽ طبي عملي جي خدمتن کي پڻ ساراهيو. وز??راعظم چيو ته اسان جو ملڪ ان مقام تي ??هي جتي اڃا به احتياطي تدبيرن تي مڪمل عملدرآمد اسان کي وڏي مصيبت کان بچائي سگهي ٿو.