اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي جي ڪري ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي آئي، ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙ مريضن جي شرح اطمينان جوڳي آهي، اي?? او پيز تي عملد??آم?? سان ڪورونا تي گهڻي حد تائين ??نٽ??ول آندو ويو آهي، ڪورونا اڃا مڪمل ختم ناهي ٿيو خطرو اڃا به موجود آهي، حڪومتي ڪوش??ن سان ڪورونا ٽيسٽنگ جي صلاحيت کي وڌايو ويو، جيڪڏهن اسان محتاط انداز سان اي?? او پيز تي عملد??آم?? ڪندا رهياسين ته اسپتالون جلد ويران ٿي وينديون ۽ راندين جا ميدان آباد ٿيندا، ڪورونا جي خلاف طبي عملو پهرين صف تي آهي، انهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پولي ڪلينڪ اسپتال جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڊاڪٽرز ۽ طبي عملي ٽيم ورڪ ذريعي ڪورونا وبا جو مقابلو ڪيو ۽ مشڪل وقت ۾ عوام جي خدمت ۾ سڀ کان اڳ رهيا.