اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اينٽي ريپ (انويسٽيگيشن اينڊ ٽرائل) آرڊيننس 2020ع ۽ تعزيرات پاڪستان (ترميمي) آرڊيننس 2020ع جي اصولي منظوري ڏيندي عورتن، ٻار?? ۽ ??ارڙين سان زيادتي ڪندڙن جي لاءِ سزائن ۽ تشريحات سميت موت جي سزا جي شق شامل ڪري ڇڏي آهي، وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزير کي سرڪاري ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ پارليامينٽ ميمبرن جي مقرري بابت قانونن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان رهنمائي وٺڻ جي هدايت ڪئي، وفاقي حڪومت جي قدمن جي ڪري کنڊ ۽ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ گذريل 10 ڏينهن ۾ لاڳيتو گهٽتائي ٿي رهي آهي، ايمپورٽيڊ کنڊ 68 رپيا في ڪلو ۽ اٽو 40 ڪلو ٻوري جي قيمت 200 رپين تائين گهٽ ٿي آهي، ڪابينا اڪنامڪ افيئرز ڊويزن واري سيڪريٽري کي جي ??? 20 تنظيم جي 16 ملڪن کان قرضن جي ري شيڊيولنگ جي لاءِ معاهدو ڪرڻ جي اجازت ڏني. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر ۽ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير خسرو بختيار سان گڏ وزيراعظم عم??ان خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.