اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي ويٽنام سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ٻطرفي ۽ گهڻ رخي گڏيل رابطن جي سمورن شعبن ۾ ويٽنام سان لاڳاپن جي قدر ڪري ٿو. هو ويٽنام ۾ پاڪست??ن جي نامزد سفير ثيمنه مهتاب سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ويٽنام سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ٻه طرفي ۽ گهڻ رخي گڏيل رابطن جي سمورن شعبن ۾ ويٽنام سان لاڳاپن جي قدر ڪري ٿو، هن چيو ته گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. ص??ر عارف علوي چيو ته پاڪست??ن جي ڪاروبار دوست ماحول ۾ ويٽنام جي ڪاروباري برادري لاءِ بي حد موقعا موجود آهن. نامزد سفير ملڪي وقار ۽ مثبت تاثر اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري.