صوابي – 14 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ??يو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ پهريون ڀيرو محروم علائقن کي نما??ند??ي ملي آهي، مخالف ڌر کلي دل سان سينيٽ چونڊن جي نتيجن کي تسليم ڪري. باجا ۾ اسڪول ۽ گئس منصوبي جي افتتاحي تقريب جي وڏي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو. هن ??يو ته مخالف ڌر حڪومت سان عوامي ڀلائي جي قانونسازي ۾ تعاون ڪري. سينيٽ ۾ اوپن ??يلٽ جو اسان جو مطالبو 2013ع کان هو. اسان ڀرپور ڪوشش ڪئي ته سينيٽ چونڊن کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ قانونسازي ڪريون. مخالف ڌر جيڪڏهن اوپن ??يلٽ جو اسان جو مطالبو مڃي وٺي ها ته اڄ ڪنهن کي نتيجن تي خدشا نه هجن ها. صادق سنجراڻي ۽ مرزا آفريدي بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي محرومين جو ازالو ڪندا. پارليامينٽرينز سان جيڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش آيو ان جي لاءِ سينيئر پارليامينٽرينز جي ڪائونسل ق??ئم ڪئي آهي. سينيئر پارليامينٽرينز ڪائونسل ق??ئم ڪرڻ جو مقصد پارليامينٽ جي وقار کي برقرار رکڻ آهي. تعليمي سڌارا اسان جي اهم ايجنڊا آهي جنهن تي 2013ع کان ڪم جاري آهي.