اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حديبيه پيپر ملز جو ڪيس نئين سر جاچ جو گهرجائو آهي، جيڪو طريقو حديبيه ۾ پئسا ٻاهر موڪلڻ جي لاءِ استعمال ٿيو انهي کي بعد ۾ هر ڪ??س ۾ اختيار ڪ??و ويو، ان ڪيس کي انجام تائين پهچائڻ تمام گهڻو لا??مي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ وزيراعظم عمران خان کي قانوني ٽيم شهباز ??ريف جي ڪيسن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني آهي. حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته حديبيه پيپر ملز جو ڪيس نئين سر جاچ جو گهرجائو آهي، ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارن کي جاچ نئين سري سان شروع ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.