اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) تاجڪستان جو صدر امام علي رحمانوف، وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ اڄ اربع تي ٻن ڏ??نه?? جي دوري تي پاڪستان پهچندو. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافت جي بنياد تي ويجها ڀائراڻي لاڳاپا آهن، اهي لاڳاپا گڏيل احترام ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي ??روغ ڏيڻ جي گ??يل خواهش تي آهن، وچ ايشيا سان ويجهي لاڳاپن ۽ تعاون ۾ اضافي لاءِ پاڪستان جي ويزن جي ڏس ۾ تاجڪستان اهيمت رکندڙ آهي.