اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي سماج تحفط ۽ غربت جي خاتمي بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ??هي ته ڪريانه اسٽورن جي نظام جي ڊجيٽلائيزيشن سان نه رڳو روينيو ۾ اضافو ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي پر ٽارگيٽ سبسڊيز ڏيڻ ۾ به مدد ملندي، ايندڙ مالي سال ۾ وڌيڪ 28 ضلعن کي بنا وياج قرض پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو، احساس تحفظ پروگرام کي سگهه ڏني ويندي، ??وجوده بجيٽ ۾ صنعت، ڪاروبار ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. سينيٽ ۾ ايندڙ مالي سال 22 -2021ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ??ه بجيٽ ۾ حڪومتي ترجيحن جو تعين ڪيو ويو ??هي، ??عاشي سرگرمين جو فروغ ۽ عوام جي مشڪلاتن جو ازالو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي تي ڪو به تيڪس نه لڳايو ويو، مزدور جي گهٽ کان گهٽ پگهار 20 هزار روپيا مقرر ڪيو ويو ??هي، 260 ارب روپيا احساس پروگرام لاءِ مختص ڪيا ويا آهن، هن چيو ??ه خصوصي اقتصادي زونز تي ٽيڪس ڇوٽ، سيلز ٽيڪس تي ڇوٽ، ڪيپيٽل گين ٽيڪس ۾ گهٽتائي، ??يلي ڪام ٽيڪس ۾ گهٽتائي ۽ ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ صنعتن جي ڪچي مال تي ڇوٽ ڏني وئي آهي، ??ن چيو ??ه اليڪٽريڪل وهيڪل ۽ ننڍين گاڏين تي ٽيڪس گهٽ ڪيو ويو ??هي، بئنڪنگ ٽرانزيڪشن تي وڌ هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيو ويو ??هي، ??ن چيو ??ه 2021ع ۾ احساس پروگرام لاءِ 209 ارب روپيا م??تص ڪيا ويا هئا جنهن مان 97 سيڪڙو خرچ ٿيا، ??لندڙ سال اها رقم وڌائي 260 ارب روپيا ڪئي وئي آهي. هن چيو ??ه هن بجيٽ ۾ هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي احساس ايمرجنسي ڪيش جي مد ۾ 12 هزار روپيا امداد ملندي، اهو مرحلو ڊسمبر ۾ مڪمل ڪيو ويندو.