اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان زراعت جي شعبي ۾ تاريخي واڌ ۽ برآمدي هدفن ک?? حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن جي ڪوششن کي سا??اهيو آهي. وزيراعظم سان ن??شن?? فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير سيد فخر امام ملاقات ڪئي. وزيراعظم کي ڪپهه، ڪڻڪ، چانورن، ڪمند ۽ مڪئي جي فصلن جي پيداوار جي حوالي سان هن وقت تائين جي حوصلا افزا رجحانن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 30 سيپٽمبر 2021ع تائين پاڪستان ڪپهه ۾ 38.5 ڳٺڙين جي پيداوار حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته گذريل سال انهي مد?? دوران 27 ملين ڳٺڙيون حاصل ٿيون، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اسان ڪڻڪ، چانور، ڪمند ۽ مڪئي جي پيداوار ۾ گذريل سال جي پيداواري انگ اکر ترتيبوار 27.5 ملين ٽن، 8.4 ملين ٽن، 81 ملين ٽن ۽ 8.4 ملين ٽن کان باآساني وڌيڪ حاصل ڪرڻ جي راهه تي گامزن آهيون. وزيراعظم خوراڪ واري وزارت جي ڪارڪردگي کي سا??اهيو جيڪا انب ۽ کٽن ميوون (سٽرس فروٽ) جي برآمدات ۾ رڪارڊ برآمدي هدف ترتيبوار 150000 ٽن، 463000 ٽن حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، وزيراعظم زراعت جي شعبي ۾ تاريخي واڌ ۽ برآمدي هدف ک?? حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن جي ڪوششن کي سا??اهيو.