اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي، مذهبي معاملن ??ارو وفاقي وزير پير نور الح?? قادري ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪ??ي. ان موقعي تي مذهبي معاملن ??اري وفاقي وزير پير نور الح?? قادري خطبو ڏنو، هن پنهنجي خطبي ۾ چي?? ته موجوده حڪومت پاران اسان جي نبي حضرت محمد مصطفيٰﷺ جي يوم ولادت باسعادت جي مناسبت سان عشره رحمت اللعالمين ملهايو پيو وڃي جنهن تي آئون مبارڪون پيش ڪريان ٿو، هن حضور اڪرم ﷺ جي رحمت ۽ ان جي عموميت، شموليت ۽ آفاقيت جي مختلف رخن کي اجاگر ڪندي چي?? ته الله تعاليٰ پاڻ صه ﷺ کي سڀني جي لاءِ سراپا رحمت بڻائي موڪليو، پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ سموري انسانيت لاءِ مشعل راهه آهي، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪ??ي وئي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ چي?? هو ته عوام جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر مان هر جمعي تي 15 منٽن لاءِ بهترين مقرر خطبو ڏيندا.