اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي ??رب جي وچ ۾ تاريخي، پراڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، جن جون پاڙون گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل آهن، ٻئي ملڪ مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ ثابت قدمي سان بيٺل رهيا، ٻئي ملڪ 7 ڏهاڪن کان خصوصي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، سعودي ??رب جو ويزن 2030ع منصوبو پاڪستان کي سعودي ??رب سان نئون پاڪستان منصوبي کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ڳ??له??ن جا موقعا فراهم ڪري ٿو. سعودي ??رب جي الرياض اخبار کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان سعودي ??رب کي آءِ ٽي، انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ زراعت ۾ پنهنجي مهارت جي حصيداري ڪرڻ کانسواءِ هڪٻئي سان گڏ بيٺل آهن. وزيراعظم چيو ته ماضي سان گڏوگڏ موجود دور ۾ پڻ علائقائي ۽ عالمي سطح تي ٿيندڙ اڳڀرائي جي ڏس ۾ پنهنجي لاڳاپن کي تبديل ڪرڻ جي ڪڏهن نوبت نه آئي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ثابت قدمي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اهو رشتو 7 ڏهاڪن جو آهي، اسان جي اها خواهش آهي ته ان تعلق کي هڪ گهري، متنوع ۽ گڏيل فائديمند تذويراتي حصيداري ۾ تبديل ڪيو وڃي، اسان تعاون جي نئين ۽ غيرروايتي شعبن جي ڳولا ڪري تاريخي فائدن کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان چاهيون ٿا ته اسان جا واپاري لاڳاپا ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون اسان جي بهترين لاڳاپن موجب هجي. وزيراعظم چيو ته سعودي ??رب جي تازي دوري دوران کيس سعودي پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ پهرين فورم ۾ شرڪت جو موقعو مليو جنهن ۾ هن واپار جي شعبي ۾ استعمال ۾ نه ايندڙ صلاحيتن جو ادراڪ ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي نجي ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽرز کي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ شامل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته مون کي يقين آهي ته هي فورم اسان جي سيڙپڪاري جي تعاون ۾ نئين دور جي شروعات ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ويزن 2030ع تحت مختلف شعبن ۾ سڌارا متعارف ڪرائڻ تي سعودي قيادت کي ساراهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته سندس سعودي ??رب جي تازي دوري ۾ ويزن 2030ع تحت سيڙپڪاري جي موقعن، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مختلف طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. موسمياتي تبديلي تي سربراهه اجلاس جي حوالي سان هن چيو ته هي اجلاس موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سعودي قيادت جي ٺ??س قدمن جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو، گرين سعودي انيشيٽو ۽ گرين مڊل ايسٽ انيشيٽو نه رڳو سعودي ??رب پر پوري خطي ۾ فطرت ۽ آبهوا جي تحفظ لاءِ ذڪر جوڳو قدم آهي. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلي سان جيڪو خطرو اسان جي زمين کي آهي، اهو حقيقي آهي ۽ هي صحيح رخ ۾ ٺ??س قدم کڻڻ جو وقت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڪلين اينڊ گرين پاڪستان ۽ 10 ارب سونامي ٽري منصوبن تي ڪم جاري آهي جيڪي انهي طرز جا منصوبا آهن. وزيراعظم چيو ته اسان سمجهون ٿا ته اسان جون ترجيحون ۽ هدف ان سلسلي ۾ هڪ ٻئي سان ملن ٿا، اسان هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو کڻي سگهون ٿا، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون وڌائي سگهون ٿا. مسلمان امت جي اتحاد جي لاءِ پاڪستان ۽ سعودي ??رب جي ڪردار جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته اسلامي سربراهه ڪانفرنس جي هڪ اهم ميمبر هجڻ جي حيثيت سان سعودي ??رب سدائين مسلمان ملڪن جي اتحاد ۽ مسلمان دنيا کي درپيش مسئلا اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، 2020ع ۾ او آءِ سي متفقه طور تي اسلامو فوبيا جي حوالي سان پاڪستان جي پيش ڪيل قرارداد کي منظور ڪيو. وزيراعظم چيو ته اولهه ۾ اسلام جي خلاف وڌندڙ خطرو عالمي سطح تي ڳڻتي جو سبب آهي، اسان پرامن گڏيل بقاءَ ۽ هم آهنگي تي يقين رکون ٿا ڇو ته دهشتگردي ڪڏهن به اسلام جو حقيقي چهرو نه هئي ۽ نه ڪڏهن رهندي. وزيراعظم چيو ته حرمين شريفين جو گهر هجڻ ناطي سعودي ??رب جو مسلمان امت جي لاءِ قائداڻو ڪردار فطري آهي، پاڪستان ان سان تعاون ۾ سڀ کان اڳتي هوندو، سعودي ??رب پاران مالي معاونت جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان مالي معاونت تي سعودي ??رب جا ٿورائتا آهيون، اها امداد عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ اضافي جي ڪري پاڪستان جي ادائيگين جي توازن ۾ مدد ڪندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي ??رب جي وچ ۾ پراڻي ۽ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جون پاڙون گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ گڏيل تعاون سان ڳنڍيل آهن، سعودي ??رب سدائين مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي دل کولي مدد ڪئي آهي، سعودي ??رب پاران تازي امداد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جو عزم آهي.