اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فراڊ ??ان متاثر شهري کي 8 لک رپين جي گم ٿيل رقم واپس ڪرڻ جو حڪم برقرار رکندي وفا??ي بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف سونيري بئنڪ جي اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ بئنڪ کي فراڊ ??ان متاثر شهري کي ان ??ي گم ٿيل رقم ڪنهن دير کانسواءِ فوري طور تي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. صدر ان ڏس ۾ جاري پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته ان ڪيس ۾ جيئن ته بئنڪ انتظاميا پاران ??دانتظامي ۽ بي ضابطگي ثابت ٿي آهي. جڏهن ته بئنڪنگ محتسب پاران پڻ بئنڪ کي فراڊ جي ان ??ڪايت تي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ جو ڀرپور موقعو ڏنو ويو. تفصيل موجب شڪايت ڪندڙ محمد دانش نسيم 22-10-2018 تي سونيري بئنڪ جي سرگوڌا روڊ شيخوپوره برانچ ۾ اڪائوٽ ??وليو ۽ ان وقت بئنڪ مئنيجر کي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرڻ جي لاءِ 20 لک رپيا يعني 2 ملين رپيا ڏنا جڏهن ته بئنڪ مئنيجر 20 لک جي هڪ رسيد ڏيڻ بدران 5، 6 ۽ 9 لک جون ٽي جدا جدا رسيدون ڏئي ڇڏيون. شڪايت ڪندڙ يعني اڪائونٽ هولڊر 20 لک رپين جي هڪ ئي سيد ڏيڻ تي اصرار ڪيو هو. بعد ۾ جڏهن شڪايت ڪندڙ بئنڪ مان پنهنجي رقم ڪڍرائڻ چاهي ته ان کي ٻڌايو ويو ته اڪائونٽ ۾ گهربل رقم موجود نه آهي جنهن تي شڪايت ڪندڙ اڪائونٽ هولڊر بئنڪ جي لاڳاکيل اعليٰ ع??لد??رن کي 20 لک جي جمع ڪرايل رقم جي رسيدن سان گڏ درخواستون ڏنيون جڏهن ته ڪا شنوائي نه ٿي جنهن تي رقم واپس نه ملڻ تي شهري وفا??ي بئنڪنگ محتسب سان ??جوع ڪيو جنهن جي ڪارروائي دوران ??ابت ٿيو ته جمع ڪرايل رقم جون رسيدون بلڪل صحيح ۽ اصلي آهن ۽ ان ??ي ان وقت جي اڳوڻي مئنيجر جون صحيحون ۽ اسٽيمپ به اصلي آهن. وفا??ي بئنڪنگ محتسب فراڊ ثابت ٿيڻ تي سونيري بئنڪ کي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. سونيري بئنڪ وفا??ي بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي جڏهن ته صدر وفا??ي بئنڪنگ محتسب جي فيصلي کي برقرار رکيو ۽ بئنڪنگ کي فراڊ ??ان متاثر شهري کي ان ??ي گم ٿيل رقم وڌيڪ ڪنهن دير کانسواءِ فوري طور تي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته قانون تحت بئنڪنگ محتسب بئنڪن جي بدانتظامي، بي ضابطگين ۽ ع??لد??رن جي بدعنواني ۾ جاچ ڪرڻ ۽ حڪم جاري ڪرڻ جو مجاز آهي.