اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان پوليو جي خاتمي جي 2 سالا ايمرجنسي ايڪشن پلان جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته اسان سڀني کي گڏجي پوليو وائرس جو خاتمو ڪرڻو آهي، عالمي برادري کي پوليو جي خاتمي ۾ افغانستان جي به مدد ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيرا??ظم پنهنجي صدارت هيٺ پوليو جي خاتمي بابت قومي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيرا??ظم پوليو جي خاتمي جي موثر قدمن تي صوبائي صحت جي کاتن ۽ ضلعي انتظاميه کي خراج تحسين پيش ڪندي عالمي حصيدارن جو مالي ۽ ٽيڪنيڪي امداد تي ٿورو ادا ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته سردي جي موسم ۾ پوليو جي پکيڙ جي شرح گهٽ ٿيندي آهي ۽ ٻارن جي ايمونائزيشن لاءِ اهو ئي موذون ترين وقت هوندو آهي. اسان سڀني کي گڏجي پوليو وائرس جو خاتمو ڪرڻو آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي پوليو جي خاتمي ۾ افغانستان جي به مدد ڪرڻ گهرجي ته جيئن هنگامي صورتحال کان بچي سگهجي. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ته ٻارن جي ٻين ايمونائزيشن پروگرامز کي به پوليو جي خاتمي جي مهم سان گڏ هلايو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ ڪوريج حاصل ڪري سگهجي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ پنج سالن جي لا3 798.6 ملين ڊالر جو پ?? سي ون منظوري جي لاءِ تيار آهي جنهن ۾ عالمي ادارن ۽ حڪومت پاڪستان جي مالي مدد شامل آهي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته سال 2020ع ۾ پوليو جا 84 ڪيس رپو??ٽ ٿيا جڏهن ته ??ذر??ل 10 مهينن ۾ ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو جيڪا پاڪستان جي پوليو جي خاتمي جي حوالي سان وڏي ڪاميابي آهي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ پوليو وائرس افغان پناهگيرن جي ذريعي داخل ٿيندو آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان کي 36 مهينن جو عرصو بنا ڪنهن پوليو ڪيس جي رپو??ٽ ٿيڻ جي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ورلڊ هليٿ آرگنائيزيشن پاران ”پوليو فري“ سرٽيفڪيٽ حاصل ٿي ويندو، انجنيئر ان چيف پاڪستان آرمي اجلاس کي پوليو تيمن کي فراهم ڪيل سيڪيورٽي جي حوالي سان آگاهه ڪيو، عالمي ادارن جي نمائندن پوليو جي خاتمي واري مهم جي موثر قيادت تي وزيرا??ظم جو ٿورو ادا ڪيو ۽ مڪمل تعاون جي عزم جو اظهار ڪيو. عالمي ادارن جي نمائندن جو حڪومت پاڪستان جي پوليو جي خاتمي وارن قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ويو، ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ خاص مددگار فيصل سلطان، خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان، پنجاب جي وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخوا جي وڏو وزير محمود خان، گلگت بلتستان جي وڏو وزير خالد خورشيد، بلوچستان جي صحت واري وزير سيد احسن شاهه، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيرا??ظم سردار عبدالقيوم خان نيازي، انجنيئر ان چيف پاڪستان آرمي ليفٽيننٽ جنرل م??ظم اعجاز، سمورن چيف سيڪريٽرين، بليو ايڇ او، يونيسيف سي ڊي سي، گاوي، بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن ۽ روٽري انٽرنيشنل جي اعليٰ عملدارن ۽ سينئر سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.