اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي ??زي?? شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ??زي??اعظم عمران خان او آءِ سي ڪانفرنس کي خطاب ڪ??دو. گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو ??زي?? چيو ته او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ پرڏيهي نمائندا اسان جا مهمان آهن، انهن جو خاص خيال رکيو ويندو ته جيئن انهن جي خدمت ۽ سيڪيورٽيءَ ۾ ڪنهن قسم جي ڪا ڪسر نه رهجي وڃي. هن چيو ته ان ڪانفرنس ۾ 57 ملڪن جا نمائندا ۽ـ پرڏيهي ??زي?? شرڪت ڪ??ي رهيا آهن. او آءِ سي ڪانفرنس هن وقت افغانستان جي صورتحال اتي جنم وٺندڙ انساني مسئلن ۽ـ افغانستان کي گهربل امداد ۽ توجهه جي حوالي سان تاريخي ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته او آءِ سي ڪانفرنس جو سهرو موجوده حڪومت ڏانهن وڃي ٿو. 40 سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ او آءِ سي ڪانفرنس جو هي قدم ??زي??اعظم عمران خان ورتو آهي. هن چيو ته ان ڪانفرنس دوران اسلام آباد ۾ ڇنڇر ۽ سومر تي موڪل هوندي. ڪانفرنس پارليامينٽ ۾ ٿي رهي آهي ان دوران ريڊ زون ۾ ايندڙ ويندڙن جي مشڪلاتن تي عوام کان معذرت خواه آهيون. هن چيو ته هي تمام اهم ڪانفرنس آهي ان جي سيڪيورٽي جون ذميداريون پاڪ فوج، سول ادارا، ايجنسيز سي ڊي اي ۽ اسلام آباد پوليس ملي ڪري ڪري رهيون آهن.