اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ريگوليٽري اٿ??رٽين جي موثر ??رد??ر تي زور ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته مافياز جي ڳٺ جوڙ تي نظر رکي، لاڳاپيل شعبن ۾ خدمتن ۽ معيار کي بهتر بڻايو وڃي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري ب??ان موجب وزيراعظم عمران خان ريگوليٽري اٿ??رٽين جي سربراهن جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ ريگوليٽرز جو اهم ??رد??ر آهي. ريگوليٽرز موثر مانيٽرنگ، قانوني ۽ ريگوليٽري ضرورتن کي نظر ۾ رکندي عوامي مفادن جو تحفظ يقيني بڻائين. وزيراعظم مافياز جي ڳٺ جوڙ تي نظر رکڻ لاءِ ريگوليٽري اٿ??رٽين جي موثر ??رد??ر جي ضرورت تي زور ڏنو. هن سمورن ريگوليٽرز کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي لاڳاپيل شعبي ۾ شفافيت ۽ معياري خدمتن کي يقيني بڻائين. ريگوليٽري اٿ??رٽين جي سربراهن وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته هو پنهنجي لاڳاپيل اٿ??رٽين جي صلاحيت ۾ اضافو ڪن ته جيئن شهرين کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي.