اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ انفارميشن ??يڪ??الاجي کي حاضر دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ آءِ ٽي جي صنعت جي ترقي ۽ نوجوانن کي تربيت يافته بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ ترقي جا وسيع ??مڪان موجود آهن.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ هواوي مقابلن جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ انفارميشن ??يڪ??الاجاي واري وفاقي سيڪريٽري ڊاڪٽر سهيل راجپوت، هواوي جي وچ اوڀر خطي جي نائب صدر وانگ شان لي ۽ آءِ ٽي جي شعبي سان لاڳاپيل ماهرن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته اسان کي ملڪ ۾ ??يڪ??الاجي جو فرق ختم ڪرڻو آهي، پا??ست??ن کي انفارميشن ??يڪ??الاجي ۽ سائبر سيڪيورٽي ماهرن کي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته انٽرنيٽ ۽ ايميزون جي ذريعي گهر کان ئي ڪاروبار ڪري سگهجي ٿو. صدر چيو ته ملڪ ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ ترقي جا وسيع ??مڪان موجود آهن، پا??ست??ن هڪ خاموش انقلاب مان گذري رهيو آهي، خواهش آهي ته نوجوانن لاءِ موقعا پيدا ڪيا وڃن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پا??ست??ن ڊجيٽل ٽرانسفارميشن طرف وڃي رهيو آهي، لينڊ رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪري رهيا آهيون ته جئين ڪرپشن جو خاتمو ٿي سگهي.
صدر تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي باع?? اعزاز قرار ڏيندي چيو ته پا??ست??ن جي ٽيم هواوي مقابلن ۾ پهرين ۽ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي آهي جنهن تي هو مبارڪباد جي مستحق آهي. صدر چيو ته اسان جا شاگرد باصلاحيت آهن ۽ هواوي جهڙيون وڏيون ڪمپنيون انهن جي صلاحيت کي سامهون آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿيون، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته 2030ع تائين دنيا کي آءِ ٽي جي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماهرن جي ضرورت هوندي، پا??ست??ن کي پنهنجي نوجوان آبادي مان فائدو کڻندي کين انفارميشن ??يڪ??الاجي جي تربيت ڏئي هنرمند بڻائڻ گهرجي ۽ ملڪ کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته اسان آءِ تي جي شعبي ۾ ترقي جي رفتار وڌائڻ جا خواهشمند آهيون، ان مقصد لاءِ يونيورسٽين ۾ ورچوئل شاگردن جو تعداد وڌايو ويندو. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جديد گهرجن موجب ??يڪ??الاجي جي تعليم سان نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. انفارميشن ??يڪ??الاجي واري سيڪريٽري ڊاڪٽر سهيل راجپوت تقريب جي انعقاد تي هواوي کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پا??ست??ن جي ٽيم وچ اوڀر خطي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، نوجوان پا??ست??ن جو مستقبل آهن جنهن کي تعليم يافته ۽ هنر مند بڻائڻ جي ضرورت آهي،
هن چيو ته ايندڙ سالن ۾ آءِ ٽي جي برآمدات وڌائينداسين ۽ صدر جي رهنمائي ۾ آءِ ٽي جي شعبي جي صنعت ۾ هدفن کي حاصل ڪنداسين. تقريب کي هوا وي جي وچ اوڀر خطي جي نائب صدر به خطاب ڪيو. هن چيو ته 450 يونيورسٽين جي 15 هزار شاگردن هواوي آءِ سي ٽي مقابلي 2021ع ۾ شرڪت ڪئي جنهن مان پا??ست??ن جي ٽيم بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي صلاحيت مڃرائي. صدر تقريب ۾ پا??ست??ن جي ڪامياب ٿيندڙ ٽيم کي هواوي پاران 20 هزار ڊالر جو چيڪ به ڏنو.