اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي موجوده دور ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، آن لائين ايجوڪيشن ۽ سائبر سيڪيورٽي جي فروغ جڏهن ته سوشل ميڊيا ٽولز جي مثبت استعمال جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته جيڪو ملڪ انفارميشن ٽيڪنالاجاي کي جهڙي رفتار سان اختيار ڪندو انهي رفتار سان ترقي ڪندو، مصنوعي ذهانت چوٿين صنعتي انقلاب جي بنياد ۽ قومن جي ترقي جو مستقبل آه??، پاڪستان ۾ ترقي لاءِ ٽيڪنالاجي گيپ کي ختم ڪرڻ جي ضر??رت هوندي، پاڪستان هنرمندن جي ٻاهرين ملڪ گهرج تمام گهڻي آه??، ان کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽين کي ورچوئل تعليم جي ذريعي شاگردن جي تعداد ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي، سائبر حملن جي تدارڪ لاءِ موثر قدمن جي ضرورت آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل آئيڊيا بئنڪ ڪانفرنس جي قومي سطح جي مقابلن جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي گيپ تمام گهڻو آه?? جنهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آه??، ان جي ڪري ئي ٽيڪنالاجي سستي هجڻ جي باوجود ان کي وقت سر اختيار نه ڪيو ويو، هن چيو ته آن لائين تعليم جي افاديت سڀني تي ظاهر آه?? پر ڪورونا وبا جي دوران ان تي حقيقي معنيٰ ۾ ڌيان ڏنو ويو آه??، اهو واض?? رهي ته جيڪو ملڪ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي جهڙي رفتار سان اختيار ڪندو اهو انهي رفتار سان ترقي ڪندو، ان شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري به گهربل ناهي ڇو ته دنيا ۾ اهڙا مثال موجود آه?? ته وڏين ملٽي نيشنل ڪمپنين جي ابتڙ ننڍيون ڪمپنيون وڌيڪ ڪامياب رهيون آه??، هن چيو ته پاڪستان ۾ مخصوص سببن ۽ مسئلن جي ڪري ترقي نه ٿي سگهي تنهن هوندي به ان جي صلاحيت موجود آه??، ان مقصد لاءِ ٽيڪنالاجي گيپ کي ختم ڪرڻ جي ضر??رت هوندي. صدر چيو ته جديد ٽيڪنالاجي جي ڪري علم هر ماڻهو جي پهچ ۾ آه??، ان نئين رجحان روايتي تعليمي نظام کي چئلينج ڪيو آه??، اڄ گهر ويهي تعليم، صحت، ڪاروبار سميت هر سهولت حاصل ڪرڻ ممڪن آه??، صدر چيو ته پاڪستان ۾ روايتي تعليم نظام جو گهربل انفرااسٽرڪچر نه هجڻ جي ڪري فڪري سرمايو ٻاهرين ملڪ منتقل ٿيندو رهيو تنهن هوندي به انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ڪري ماڻهن جي پهچ وڌي آه??، پاڪستاني هنرمندن جي ٻاهرين ملڪ گهرج تمام گهڻي آه??، ان کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽن کي شاگردن جي تعداد ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي جيڪو ورچوئل تعليم جي ذريعي ممڪن آه??، صدر چيو ته مستقبل ورچوئل ايجوڪيشن سان لاڳاپيل آه?? جنهن کي عام ڪرڻ جي ضرورت آه??. صدر سائبر سيڪيورٽي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته سائبر وار جي طور تي پاڪستان ۾ روزاني سوين حملا ٿيندا آه??، انهن جي ازالي لاءِ موثر قدمن جي ضرورت آه??، 2030ع تائين دنيا کي سائبر سيڪيورٽي جي حوالي سان 8 ڪروڙ ماهرن جي ضر??رت ٿيندي، پاڪستان ان صورتحال ۾ مناسب تعليم ۽ تربيت جي ذريعي افرادي قوت مهيا ڪرڻ جي قابل ٿي سگهي ٿو. صدر چيو ته مصنوعي ذهانت چوٿين انقلاب جي بنياد ۽ قومن جي ترقي جو مستقبل آه??، جنهن قوم پنهنجي مستقبل کي سڃاڻي ورتو ان جي ترقي جي راهه ۾ ڪا به رڪاوٽ نٿي اچي سگهي، هن چيو ته سوشل ميڊيا جي استعمال جا مثبت ۽ منفي ٻئي رخ آه??، اسان جي نوجوانن کي ان ڳالهه کي سمجهڻو پوندو ته ڪوڙيون خبرون معاشري لاءِ نقصانڪار آه??. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع امڪان آه??، اهو شعبو تيز رفتار ترقي جا موقعا فراهم ڪندو آه??.پاڪستاني نوجوانن کي انهن موقعن مان فائدو کڻڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ گهرجي، ان حوالي سان نيشنل آئيڊيا بئنڪ ۽ ايسپائر پاڪستان جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آه??، ان کان اڳ سر سيد يونيورسٽي جي چانسلر جاويد انور پنهنجي خطاب ۾ چيو ته نيشنل آئيڊيا بئنڪ جو قيام صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي سرپرستي ۽ حوصلا افزائي سان ممڪن ٿيو آه??، هن پاڪستان انوويٽس ڪانفرنس جي حوالي سان ٻڌايو ته ان مقابلي ۾ پوري پاڪستان کان تخليق ڪارن حصو ورتو، ان قدم سان اسٽارٽ اپ وينچر ڪيپٽسٽ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ٿي آه??، هن چيو ته هاڻي نوجوانن کي پنهنجي تخليق لاءِ گهربل مالي وسيلن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ان موقعي تي صدر ڪامياب ٿيندڙ هوشيار نوجوانن ۾ انعام به ورهايا، ان کانپوءِ صدر ان موقعي تي لڳايل مختلف اسٽالن جو به دورو ڪيو.