بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي??ي ڪارپوريٽ اڳواڻن کي سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪندي سي پيڪ خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏني آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان بيجنگ ۾ چي?? جي مشهور سرڪاري ۽ نجي ڪمپنين جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙن ۾ چائنه ڪميونيڪيشن ڪنسٽرڪشن ڪمپني، هائوزانگ ٽيڪنالاجي، زي جيانگ سي پورٽ گروپ، چي??ينج فيشنز، هونان سن واڪ گروپ، رائل گروپ، چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن، زنگ بانگ گروپ ۽ چائنا مشينري انجنيئرنگ ڪارپوريشن جا اعليٰ عملدار شامل هئا. ڪارپوريٽ اڳواڻن وزيراعطم کي پاڪستان ۾ پنهنجي جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، هن ڌاتن ۽ ڪاغذن جي ري سائيڪلنگ، توانائي، ٽيڪسٽائيل، فائبر آپٽڪس نيٽ ورڪس، ها??وس??گ، ڊيري ۽ واٽر مينيجمينٽ بابت منصوبن ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي، چائنه ڪميونيڪيشن ڪنسٽرڪشن ڪمپني تعميراتي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي لاءِ ڪم ڪري ٿي، هائوزانگ ٽيڪنالاجي جامع ڪاغذ سازي جي سامان ۾ مهارت رکي ٿي، زي جيانگ سي پورٽ گروپ چي?? جي سڀ کان وڏي پورٽ آپريٽرز مان هڪ آهي، چي??ينج فيشنز هڪ مشهور ٽيڪسٽائيل ڪمپني آهي، هونان سن واڪ گروپ جو بنيادي ڪاروبار مواصلات، ٿري ڊي پرنٽنگ ۽ تعميرات آهي، رائل گروپ چي?? جو سڀ کان وڏو ڳئون جو کير پيدا ڪندڙ سڀ کان وڏو گروپ آهي، چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن سو?? انجنيئرنگ ۽ تعميرات?? مصنوبن تي ڪم ڪندو آهي، زنگ بانگ گروپ صوبه جيان زي جو وڏو زرعي انٽر پرائيز آهي ۽ چائنا مشينري انجنيئرنگ ڪارپوريشن چي?? جي وڏي زرعي صنعتي مشينري ڪمپنين مان هڪ آهي، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چي??ي ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چي??ي ڪارپوريشن اڳواڻن کي پاڪستان ۾ چي??ي سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي حوالي سان کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ کين سي پيڪ خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ جي ترغيب ڏني، ان موقعي تي وزيراعظم سان گڏ وفاقي وزير، صلاحڪار ۽ اعليٰ عملدار به هئا.