اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب صوبو رڳو تنقيد نه، آئيني ??رم??م سان ٺهندو، ڇا بلاول ان آئيني ??رم??م جي لاءِ اسان سان تعاون لاءِ تيار آهي. ڏکڻ پنجاب جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ پرڏيهي وزير چي?? ته بلاول ڀٽو ناسمجهه ۽ ان جا استاد نالائق آهن، هن چي?? ته بلاول ڀٽو کي لکيل پرچيون ڏنيون وينديون آهن، بلاول ڀٽو کي هن وقت تائين ادراڪ ناهي ته هو ڇا ڪري رهيو آهي ۽ حقيقت ڇا آهي، جيئن جيئن وقت گذرندو بلاول سمجهي ويند?? ته صرف تنقيد سان ڏکڻ پنجاب صوبو نه ٺهندو، ڏکڻ پنجاب صوبو آئيني ??رم??م سان ٺهندو، منهنجو سوال آهي ته ڇا بلاول آئيني ??رم??م لاءِ اسان سان گڏ تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي، شاهه محمود قريشي چي?? ته جيڪڏهن ڏکڻ پنجاب صوبي کي عملي جامو پارائڻ چاهيو ٿا ته اچو گڏجي آئيني ??رم??م ڪيون، هن چي?? ته آئون بل پيش ڪري رهيو آهيان جيڪڏهن توهان جي نيت صاف آهي ته پنهنجو ووٽ ڏيو ۽ ڏکڻ پنجاب کي حق ڏياريو، شاهه محمود قريشي چي?? ته مون 19 جنوري تي خط لکيو توهان جواب ڏيڻ جي زحمت نه ڪئي، مون بلاول ڀٽو ۽ شهباز شريف کي اڄ ٻيهر خط لکيو آهي، هن چي?? ته يو اين ڊي پي جي جيڪا رپورٽ آئي آهي ان منهنجي موقف جي تصديق ڪئي آهي. ڏکڻ پنجاب سڀني کان پوئتي پيل ريجن آهي، مون شهباز شريف کي به يو اين ڊي پي جا سڀئي انگ ??کر موڪليا آهن، منهنجي شهباز شريف کي درخواست آهي ته ڏکڻ پنجاب جي معاملي تي سنجيدگي سان غور ڪري، ڏکڻ پنجاب جي حقيقتن کي سامهون رکندي اڳتي وڌڻو پوندو جيڪڏهن بلاول ۽ شهباز شريف پنهنجي سياسي مفاد کي به سامهون رکن ته انهن کي ڏکڻ پنجاب جي جوڙجڪ ۽ جاچ ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجي.