اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? آهي ته عورت مضبوط ۽ خوشحال هوندي ته ملڪ به مضبوط ۽ خوشحال هوندو، عورتن ۽ ??صو??ي ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي جي قدمن جي ذريعي دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪري سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد چي??بر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ عورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بيگمه ثمينه عارف علوي چي?? ته پاڪستان ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي، پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ عورتن جي نمائندگي حوصلي واري آهي، هن چي?? ته پاڪستاني عورتون زندگي جي هر شعبي ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن، انهن ۾ صلاحيتن جي ڪا به کوٽ نه آهي. مذهب اسلام، پاڪستان جو آئين ۽ اسان جو معاشرو عورتن جي حوصلا افزائي ڪري ٿو. هن چي?? ته تعليم ۽ آگاهي عورتن جي ڪاميابين جو اهم جزو آهن، موجوده حڪومت عورتن جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ مالي خودمختياري لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. حڪومتي سهولتن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ عورتن جي رهنمائي جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ پارليامينٽ جي عورت ميمبرن، ڪاروباري ۽ ٻين نمايان شخصيتن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ملڪي معاشي ترقي ۾ چي??برز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي ڪردار کي ساراهيندي هن چي?? ته ڪاروباري ادارا عورتن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪن. عورت مضبوط ۽ خوشحال هوندي ته ملڪ مضبوط ۽ خوشحال هوندو. بيگم ثمينه عارف علوي چي?? ته صدر ۽ وزيراعظم عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهن، ان سلسلي ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ خاص طور تي وراثتي حقن کي يقيني بنائڻ جي لاءِ قدم کنيا ويا آهن. هن ??صو??ي ماڻهن جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي انفرااسٽرڪچر ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چي?? ته عورتن ۽ ??صو??ي ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي جي ذريعي اسان دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪري سگهون ٿا.