اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي چيو آهي ته چين ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن جي لاءِ اسلامي م??ڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. هن اها ڳالهه 48 هين او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي چئي. چيني پرڏيهي وزير چيو ته چين ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي بابت مسلمان دنيا جي امنگن ۾ شريڪ آهي. هن افغانستان ۾ امن ۽ ڊگهي مدي واري استحڪام جي لاءِ چين جي خواهش کي پڻ ??رج??يو. چيني پرڏيهي وزير چيو ته سندس ملڪ مسلمان دنيا ۾ 600 منصوبن ۾ 400 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ??ري رهيو آهي. هن چيو ته چين اسلامي دنيا کي ويڪسين جي 300 ملين خوراڪون فراهم ڪندو.