اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان قطر جي سفير شيخ سعود عبدالرحمان الثاني ملاق??ت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قطر جي سفير وزيراعظم شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي قطري قيادت پاران مبارڪباد جو پيغام پهچايو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن پاڪستان سان ٻ??رف?? لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي قطر جي خواهش کي ورجايو. وزيراعظم شهباز شريف قطري قيادت پاران مبارڪباد واري پيغام تي قطري سفير جا ٿورا مڃيا. هن قطر پاڪستان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ مختلف ش??بن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو، خاص طور تي وزيراعظم ان سلسلي ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ افرادي قوت جي ش??بن جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم افغان ام?? ۾ ??هولتڪار طور قطر جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان خواهش جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ قطر افغانستا?? ۾ ??من ۽ استحڪام جي فروغ ۽ افغان عوام کي انساني بنيادن تي ام??اد جي فراهمي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا. قطر نار ملڪن ۾ پاڪستانين جي هڪ وڏي آبادي جو گهر آهي. پاڪستان ۽ قطر جي و?? ۾ ??قيدي ۽ قدرن جي مضبوط بنيادن تي ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. ٻئي ملڪ ٻ??رف?? ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن يت ويجهو تعاون ڪن ٿا.