اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي ڪويت جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر شيخ احمد ناصر الحمد الصباح ٽيليفون ڪئي ۽ پرڏيهي وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻن??ي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ڪويت جي ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت جا ڀائراڻا لاڳاپا مثالي آهن، پاڪستانين جو هڪ وڏو تعداد روزگار جي ??لسلي ۾ ڪويت ۾ رهندڙ آهي ۽ هو ٻن??ي ملڪن جي ??عمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان ڪويت سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستح??م بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون.